گراتس
ڏيک
گراتس (انگريزي:Graz) آسٽريا جي وفاق جي ھڪ رياست اسٽيريا جو وڏو شھر ۽ ان رياست جو گاديءَ جو هنڌ آهي. ھن شھر جو تاريخي مرڪز سال 1999ع ۾ يونيسڪو پاران عالمي ورثو قرار ڏنو ويو. گراتس لفظ جي معني ننڍڙو قلعو يا ننڍڙو شھر آھي. ھي شھر مور ندي جي ٻنھي ڪپن تي واقع آهي. شھر سامونڊي سطح کان 353 ميٽر يا 1158 فٽ بلند آھي. ھي شھر 17 ميونسيپل ضلعن ۾ ورھايل آھي. شھر جي آبادي سال 2019ع ۾ 2,92,269 ھئي. تاريخي طور تي ھي شھر سلووينيائي ثقافتي مرڪز رھيو آھي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Zahlen + Fakten". June 23, 2020 تي حاصل ڪيل.